ٺري ميرواھ (ن پ ا) ڳوٺ سوڍو خان خاصخيلي ۾ نوجوان فياض چنا کي مبينا گهر اندر گهڙڻ الزام ۾ رسن سان ٻڌي تشدد ڪرڻ جو ڪيس ميرواھ ٿاڻي تي چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان فياض چنا جي مامي شير محمد چنا جي فرياد تي ٺري ميرواھ ٿاڻي تي مولا بخش خاصخيلي ۽ غلام شبير خاصخيلي خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مزدوري تي ويندڙ سندس ڀاڻج فياض چنا کي زبردستي پڪڙي رسن سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي.