ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ شاهنواز شر ۾ زميني تڪرار تان ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري اعجاز شر، دائم شر، غلام حسين شر ۽ سندن ڀائيٽيو راشد شر سخت خمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺري ميرواھ اسپتال آندو ويو، پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪيون پيا واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو