ٺري ميرواهه ۾خرچ گهرڻ تان ڳورهاريءَ تي مبينا تشدد، حمل ضايع ٿيڻ جو خدشو

0
181

ٺري ميرواهه ۾خرچ گهرڻ تان ڳورهاريءَ تي مبينا تشدد، حمل ضايع ٿيڻ جو خدشو

ٺري ميرواھ  (رپورٽ: عابد حسين شر) ”خرچ گهرڻ لاءِ عدالت ۾ ڪيس ڇو ڪيو؟“ ٺري ميرواھ ۾ مڙس جو زال تي مبينا تشدد، حمل ضايع ٿي ويو

تفصيل موجب ٺري ميرواھ جي ڳوٺ باغ بچراھ واسڻ عورت گلبانو خاصخيلي ٺري ميرواھ ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته گذريل رات ٺري ميرواھ کان ڳوٺ اچي رهي هيس ته ننڍي ٺري لڳ مڙس مقصود خاصخيلي وانگارو ماڻھن سان گڏجي مون تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن ڪري منهنجو حمل ضايع ٿي ويو

هن ٻڌايو ته مڙس مقصود خاصخيلي ڪجهه هفتا اڳ ٻِي شادي ڪئي هئي، مون پيٽ ۾ موجود ٻار ۽ گهر جو خرچ وٺڻ لاءِ ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو جنهن تي مڙس ڏمريل هو. هن جو چوڻ هو ته تو عدالت ۾ ڪيس ڇو داخل ڪيو آھي. هوڏانهن ٺري ميرواھ پوليس عورت کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري اسپتال منتقل ڪرايو، جتان کيس خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر گلشاد ڪلهوڙو ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جنهن وقت عورت اسپتال آئي ته کيس بليڊنگ ٿي رهي هئي، ڳورهاري ڇهن ستن مهينن جي حملي سان آهي، سهولتن جي کوٽ سبب کيس خيرپور اسپتال ريفر ڪيو آهي

ميرواھ پوليس جو چوڻ آھي ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ حمل ضايع ٿيڻ جي تصديق ٿي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻا فوت ٿيڻ وارو ڪيس: فيڪٽري مئنيجر سميت 8 جوابدارن جو رمانڊ منظور