ٺري ميرواھ (رپورٽ: عابدحسين شر) ٺري ميرواھ ۽ ڀرپاسي اڪثر ڳوٺن مان هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن ۽ گندگيءَ جو آزار وڌي ويو، 80 سيڪڙو رهواسي مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا، صحت مرڪز ٺري ميرواهه جي ايم ايس تصديق ڪري ڇڏي، سرڪاري اسپتال عارضي طور پرائيويٽ جڳهه ۾ منتقل ڪئي وئي. تفصيل موجب برسات کي هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ به تعلقي هيڊڪوارٽر ٺري ميرواھ ۽ آسپاس جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. سوين ڳوٺ شھر سميت سوين ڳوٺن ۾ هاڻي به 4 کان 5 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي. اهڙي صورتحال باوجود ٺري ميرواھ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سرڪاري سطح تي ڪا ميڊيڪل ڪئمپ قائم نه ٿي سگهي آھي. ٺري ميرواھ  سرڪاري اسپتال پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري ٺري ميرواھ ڪئنال جي ڪپ تي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ منتقل ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر وزير احمد ڦل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مليريا ڪٽس به موجود ناهن، نه وري ڪا دوا موجود آھي. ڊاڪٽر وزير ڦل تصديق ڪئي ته مڇرن جي آزار ۽ گندگي سبب 80 سيڪڙو ماڻھو مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.