ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شھري پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري مشينن ۾ تيل ڀرائي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ڪرائڻ لڳا، ضلعي انتظاميا پاران اماڻيل پمپنگ مشينون ٻن ڏينهن کان ٺري باءِ پاس تي گاڏين ۾پيل، مشينون چالو ڪري پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف شھرين پاران ڪاوڙ ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار. ان حوالي سان شھرين نثار احمد شر، ايوب اعواڻ ۽ ظهير جوڳي احتجاج ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٽن هفتن کان شهر ٻڏل آهي، جڏهن ته تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا شهرين کي نڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي. پاڻي نيڪالي لاءِ ڊي سي خيرپور طرفان اماڻيل مشينري اڃا تائين چالو نه ٿي سگهي آھي. ٺري شھر مڪمل طور ٻڏل آھي پر انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه پئي وٺي. هنن ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ اضافي مشينري فراهم ڪئي وڃي. ٻِي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.