ٺاروشاهه (رپورٽ: شبير اڄڻ) ٺارو شاهه ڀرسان زمين تي ويل پيرسن وڏيرو ڏنڍا هڻي بيدردي سان قتل، لاش انبن جي باغ مان هٿ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب درٻيلو ۾ انبن جي باغ مان پيرسن وڏيري فرمان ميمڻ جو تشدد ٿيل لاش ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي درٻيلو پوليس پهچي پيرسن جو لاش تحويل ۾ وٺي درٻيلو اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته وڏيرو فرمان ميمڻ انبن جو باغ گمهڻ ويو هو جتي نامعلوم ماڻھن حملو ڪري ڏنڍا هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، مقتول پيرسن جي پٽ عادل ميمڻ  ٻڌايو ته سندس والد روزانو انبن جي باغ تي ويندو هو، ڪالهه نامعلوم ماڻھن کيس ڏنڍن سان تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.