ٺاروشاھ: مبينا طور ناريء سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، 3 ڄڻن تي ڪيس داخل

0
343

ٺاروشاھ: ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ بهرام گوپانگ واسي پورهت مشتاق سولنگي پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڌايو ته مان ۽ منهنجي گهر واري احساس ڪفالت پروگرام جا پيسا وٺڻ ڪنڊيارو سينٽر تي ويا هئاسين ته ڳوٺ جا ٽي جوابدار محمد علي سولنگي، عرفان، نديم اسانجي گهر ۾ گهڙي منهنجي نياڻي سيما کي هٿيارن سان يرغمال بڻائي نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. هن چيو ته اسان گهر پهتاسين ته نياڻي گهر ۾ بيهوش پيل هئي جنهن کي اسپتال پهچايو جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نياڻي سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي، اسان اهڙو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء درٻيلو پوليس چوڪي تي پهتاسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد نوشھروفيروز جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن بعد ٽن جوابدارن محمد علي سولنگي عرفان ۽ نديم سولنگي مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس هن مهل تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي. هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.