ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ مان اغوا ڄاڻايل ماسترياڻي پاران شادي ڪرڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ ايس ايچ او ٺارو شاهه رحم علي وسواڻو ٻڌايو ته ناري مقدس چوهاڻ جي والد اغوا جي اين سي داخل  ڪرائي هئي، پر اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، اسان کي نڪاح نامو مليو آهي، ايس ايچ او موجب ناري پاڻ فون ڪري بيان ڏنو آهي ته هن شمن علي اڄڻ سان پسند جي شادي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.