ٺاروشاھ: مالش نه ڪرڻ تان وڏيري جي سيلون تي مبينه فائرنگ

0
303

ٺارو شاهه: ٺاروشاھ پوسٽ آفيس ڀرسان سيلون جي دڪان تي حجامڪو ڪم ڪندڙ پورهيت شاھ جھان جي دڪان تي مقامي وڏيري پوسٽ ماسٽر شاھنواز سھتو پاران زور نه ڏيڻ ۽ مالش نه ڪرڻ تي دڪان ۾ فائرنگ ڪري ڏني، دڪان تي ويٺل گراهڪ رضا محمد جعفري فائرنگ ۾ معجزاڻي طور بچي ويو. رضا جعفري ٻڌايو ته مان سيلون جي دڪان تي وار ٺھرائي رهيو هئس ته مقامي وڏيري شاهنواز سهتو سيلون جي دڪان تي پهچي حجم کي چيو ته ڪرسيء تان هن کي لاھ ۽ مونکي مٿي کي ۽ جسم کي مالش ڪر، حجم جي انڪار ڪرڻ تي وڏيرو مڇرجي پيو ۽ ور مان پسٽل ڪڍي سيلون تي فائريگ شروع ڪئي، فائرنگ سبب سيلون تي ويٺل گراھڪ معجزاڻي طور بچي ويا. هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فورر طور معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪري وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي پاسي وڏيري شاھنواز سھتو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو سيلون تي وار ٺھرائڻ لاءِ ويو ھيس، سيلون مالڪ ۽ سيلون تي ويٺل گراھڪ رضا جعفري بدتميزي ڪئي، فائرنگ جو الزام ڪوڙو آھي.