ٺاروشاهه (ن پ ا) درٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ ڪچي جي زمين جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان صدام چانڊيو جو ڪيس ڀاڳو ديرو ٿاڻي تي 8 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ٻن ڄڻن سونو خان ڪلهوڙو ۽ مستي خان ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آھي، واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ڪچي جي زمين جي مالڪي تان 30 سالا صدام چانڊيو قتل ٿي ويو هو،