ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان مڃٺ ۾ مينهن کي لٺيون هڻڻ تان ڪلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾  مسمات سگهڙ، شبانا، راحت، مسمات ارشاد ڪلو،  پيرسن ڄام احسان ڪلو ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف جھيڙي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.