ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان کوکر  پاڙي مان نڪاح بعد رخصتي وقت مامن ۽ چاچن ھٿان مبينا طور ھٿيارن جي زور ڪنوار سائرا سھتو اغوا، ڪنوار جي والد  عبدالرشيد سھتو جي فرياد تي سالن ۽ ڀائرن نياز  رياض، نظير سھتو سيمت 12 ڄڻن مٿان اغوا جو ڪيس داخل، ٻي طرف    گھوٽ اشفاق سھتو سھري عبدالرشيد سان گڏجي ٽائيم نيوز آفيس پهچي ويا، ان موقعي تي گهوٽ اشفاق سهتو چيو ته منهنجي شادي هئي، نڪاح ٿيڻ بعد رخصتي وقت ڪنوار جا چاچا ۽ ماما خالد سهتو اڪبر رياض سهتو ھٿياربند ساڻ ڪري منهنجي ڪنوار کي گهر مان اغوا ڪري کڻي ويا، ڪنوار جي پيءُ عبدالرشيد سهتو ٻڌايو ته منهنجا ڀائر ۽ سالا ناانصافي ڪري منهنجي ڌيءُ کي ھٿيارن جي زور تي ربردستي  اغوا ڪري نامعلوم هنڌ کڻي ويا آهن، جن خلاف اسان ٺاروشاھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، پر پوليس ڌيءُ کي بازياب ناهي ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي بازياب ڪرائي وڃي.  هوڏانهن اغوا ٿيل  ڪنوار سائرا سھتو جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي، وڊيو بيان ۾ ڪنوار سائرا سھتو چوي ٿي ته  مونکي مامن، چاچن ۽ سوئٽن اڪبر سھتو رياض سھتو نظير سھتو ۽ ٻين  زبردستي گھر ۾ قيد ڪيو آھي، مان پنھنجي ۽ پنھنجي پيءُ جي مرضي سان اشفاق سھتو سان نڪاح ڪيو آھي، بازياب ڪرايو وڃي.