ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان بااثر وڏيري مبينا طور اسڪول جي ديوار ٽوڙي چوپائي مال جو لنگھه ٺاهي ڇڏيو، مال روزانو اسڪول مان گذرڻ سبب ٻارڙن ۾ خوف هراس، سندن تعليم سخت متاثر. خبر موجب ڳوٺ خدابخش سيال جي پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر محرم علي سيال، ڳوٺاڻن اڪبر سيال، راشد سيال ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري غلام حسين سيال پرائمري اسڪول کي ڏنل چوديواري ڊاھي وچ اسڪول مان مينهون گذرڻ جو رستو ٺاھي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته روزانو اسڪول مان پڙھائي جي ٽائيم تي مال گذرڻ سبب ٻارڙن ۾ خوف هراس ڇائنجي وڃي ٿو ۽ سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن تعليم کاتي جي عملدارن ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، هوڏانهن وڏيري جو چوڻ آهي ته اسڪول سندن ڏنل زمين ۾ اڏيل آهي، اسڪول جي ڀرسان مينهن جو واڙو آهي جنهن جي ڪري اتان رستو ٺاهيو آهي، هن چيو ته ٻيو رستو نه هجڻ سبب اسڪول مان لنگهه ٺاهڻو پيو، ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺي رستو ڪڍيو هو.