ٺاروشاهه واسڻ ناري ڪراچي مان پر اسرار طور گم، مڙس تي اغوا جو الزام

0
402
ٺاروشاهه واسڻ ناري ڪراچي

ٺاروشاهه (رپورٽر) ٺاروشاهه واسڻ ناري ڪراچي مان پر اسرار طور گم ٿي وئي، وارثن پاران مڙس تي زال کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن

 ٺاروشاھه جي دستگير ڪالوني جي رهواسڻ مسمات مومل ڪلهوڙو احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڌيءُ تانيا ڪلهوڙو کي مڙس محڪوم ڪلهوڙو  6 مهينا اڳ مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هو

مسمات مومل جو وڌيڪ چوڻ هو ته 8 ڏينهن اڳ ڌيءُ گهر جو سامان وٺڻ لاءِ دڪان تي وڃڻ بعد گم ٿي وئي، شڪ آھي ته ڌيءُ کي سندس مڙس اغوا ڪري وڪرو ڪيو آھي، ڪراچي جي شريف آباد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري

هي به پڙهندا

سجاول جي پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن جي اغوا جي تصديق