ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ھريپورپاڙي ۾ قائم الجليل پبلڪ اسڪول جي ماسترياڻي مقدس چوهاڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي، ماسترياڻي جي پيءُ راشد چوهاڻ ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي خانگي اسڪول ۾ ٽيچر آهي، جيڪا اڄ اسڪول جي موڪل ٿيڻ بعد گم ٿي وئي آھي، اسڪول انتظاميان سان رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته ڇوڪري موڪل ۾ اسڪول مان نڪتي آھي، جيڪا اڃا  تائين گهر نه پهتي آھي، هن چيو ته منهنجي نياڻي کي شھر جا ڪجھ اوباش نوجوان تنگ ڪندا هئا،  شڪ آھي ته انهن ئي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪيو آھي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ ٿاڻي آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.