لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم تيار آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته يو اي اِي جي ڪنڊيشن مان واقف آهيون، ڪوشش هوندي ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪريون. هنن چيو ته ورلڊ ڪپ به يو اي اِي ۾ ٿيو هو جنهن ۾ اسان جي ڪارڪردگي سٺي رهي هئي. بابراعظم چيو ته ٽيسٽ مان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڃڻ تي مائينڊ سيٽ چينج ڪرڻو پوندو آهي، نيڌرلينڊ سيريز لاءِ چار پنج ڏينهن کانپوءِ ڪيمپ شروع ٿي رهي آهي، ڪوشش آهي ته تربيتي ڪيمپ ۾ پريڪٽس ميچ به کيڏون. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته سريلنڪا خلاف ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾ پوري ٽيم سٺو پرفارم ڪيو، رانديگرن کي چيو آهي ته سٺو سوچين ۽ پنهنجي بهترين راند پيش ڪن. هن چيو ته هر ميچ يا سيريز کانپوءِ خامين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿينديون آهن، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پريشر ڪنٽرول ڪرڻ ئي اهم هوندو آهي.