ڪيف(م ڊ) يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف ۾ روس جي هوائي حملن ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا. ڪيف جي فوجي انتظاميا چيو آهي ته روسي حملن ۾ شهر جي اهم جاين ۽ ٻماڙ عمارتن کي نشانو بڻايو ويو. روسي حملن کانپوءِ سڄي شهر ۾ بجلي معطل ٿي وئي ۽ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي. يوڪرين جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن کانپوءِ سڄي يوڪرين ۾ هوائي حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو. ڪيف جي ميئر جو چوڻ آهي ته ڪيف تي 30 ميزائل فائر ڪيا ويا جن مان 21 کي تباهه ڪيو ويو. ٻئي طرف آمريڪا يوڪرين کي اضافي 40 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته يوڪرين ۾ گرفتار ڪيل 35 روسي فوجي واپس ڪيا ويا آهن. جڏهن ته يوڪرين تي حملي بعد يورپي پارليامينٽ روس کي دهشتگردي جو سهڪار ڪندڙ رياست قرار ڏنو آهي. برطانيا هيليڪاپٽر ۽ هڪ هزار آرٽلري گولا يوڪرين کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.