يوڪرين جي گهرو وزير سميت اعليٰ عملدار هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

0
265
يوڪرين جي گهرو وزير سميت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي دارالحڪومت ڪيف ۾ هيليڪاپٽر ڪرڻ جي نتيجي  ۾ گهرو وزير ۽ نائب گهرو وزير سميت گهرو وزارت جي اعليٰ قيادت سوڌو 18 ڄڻا مارجي ويا آهن

برطانوي خابرو اداري موجب هيليڪاپٽر ڪرڻ جو واقعو ڪيف جي علائقي هرووري ۾ ٻارن جي نرسري جي ويجهو پيش آيو، هيليڪاپٽر حادثي ۾ يوڪرين جو گهرو وزير، نائب گهرو وزير ۽ سيڪريٽري سميت گهرو وزارت جي اعليٰ قيادت اجل جو شڪار ٿي وئي آهي، ان کان علاوه حادثي ۾ ٻارن جي اسڪول جي عمارت ۽ ٻين جاين کي به نقصان پهتو آهي

يوڪرين جي صدارت آفيس جي نائب سربراهه جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جنگ سٽيل علائقن جي فضائي دوري تي هو ته هيليڪاپٽر سان حادثو پيش آيو، ان موقعي تي رياست جي اعليٰ پوليس آفيسر فيس بڪ تي لکيو ته ڪرندڙ هيليڪاپٽر يوڪرين جي رياستي ايمرجنسي سروس جو هو

ميڊيا رپورٽس موجب هيليڪاپٽر حادثي ۾ 3 ٻار به فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو