ڪيف(م ڊ) روس طرفان يوڪرين ۾ ميزائل حملن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. يوڪرين اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته روس رات دير سان راڄڌاني ڪيف، وچين ۽ ڏکڻ ريجن ۾ ميزائل حملا ڪيا آهن، ميزائل حملن ۾ 5 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. يوڪرين اختيارين جو چوڻ هو ته وچ واري علائقي يومان ۾ روسي ميزائل حملي ۾ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 3 ماڻهو مارجي ۽ 8 زخمي ٿي پيا. ان کان سواءِ وچين شهر دنيپرو ۾ ميزائل حملي ۾ هڪ عورت ۽ ٻار مارجي ويو جڏهن ته ڪيف ريجن ۾ روسي ڪارروائي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا. يوڪريني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته فضائي بچاءَ کاتي ڪيف جي ڀرسان فضا ۾ روس جي 21 ميزائلن ۽ ٻن ڊرونز کي ڪيرايو جنهن جي ملبي سبب پاور لائين کي نقصان پهتو آهي.