يوڪريني هاري روسي ميزائل سسٽم ٽريڪٽر سان ٻڌي چورائي ويا

0
556

ڪراچي(دلچسپ نيوز) يوڪرين جي هارين جو هڪ جوڙو روسي ميزائل سسٽم چوري ڪرڻ جي الزام ۾ مشهور ٿي ويو ۽ ان جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ٽوئيٽر تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هو مبينا طور تي پنهنجي وڏي سائي رنگ جي ٽريڪٽرن ۾ ميزائلن کي ٽريڪٽر سان ٻڌي کڻي ويا جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي

   فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هاري فوجي سامان سان جرت مند انداز ۾ ڀڄي وڃي رهيا آهن. وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته ”يوڪرين جا هاري 25 ملين ڊالر جي ماليت جو ميزائل دفاعي نظام چوري ڪيون پيا وڃن.  وڊيو کي محقق ارسلون زودوسي طرفان پوسٽ ڪيو ويو هو ۽ يوڪرين جي ايم پي اي ليسيا واسيلينڪو طرفان ان کي ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو ويو هو.