لاهور (شوبز نيوز) مشهور يوٽيوبر ڊڪي ڀائي ۽ سوشل ميڊيا اسٽار عروبه جتوئي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. سعود الرحمان عرف ڊڪي ڀائي پنهنجي شادي جي تقريبن جي سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون آهن. انسٽاگرام تي شادي جي تصوير شيئر ڪندي سعود الرحمان لکيو “هميشه لاءِ منهنجي” جڏهن ته هن گڏوگڏ ڳاڙهي رنگ جي دل وارو ايموجي به استعمال ڪيو. عروبه به انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ ڪيپشن لکيو “محبت ۽ مسرت جي لاءِ جيڪي اسان گڏجي هميشه ملهائينداسين” . شادي جي تقريب ۾ سوشل ميڊيا جي مشهور شخصيتن به شرڪت ڪئي.