سکر (بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن گيھه جي في ڪلو تي 80 رپيا گھٽتائي ڪري ڇڏي،  يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف ڪمپنين جو گيھه 490 رپين مان گهٽائي 410 رپيا في ڪلو ڪيو ويو. يوٽيلٽي ڪارپوريشن اسلام آباد جي جنرل مئنيجر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مختلف ڪمپنين جي گيھه تي في ڪلو جي حساب سان 80 رپيا گھٽتائي ڪري ڇڏي آھي، جنھن کان پوءِ 490 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيندڙ مختلف ڪمپنين جو گيھه ھاڻي يوٽيلٽي اسٽورن تي 410 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو. ساڳئي آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو حاصل ڪندڙن کي گيھه ۾ رليف ڏيندي بي آءِ ايس پي رجسٽرڊ خاندانن کي 300 رپيا في ڪلو گيهه ملي سگهندو. يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي زونل مئنيجر قيصر سعيد مطابق يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي جنرل مئنيجر طرفان نوان ريٽ زونل مئنيجرز توڙي لاڳاپيل عملدارن ڏانھن اماڻي ڇڏيا. يوٽيلٽي اسٽورن تي وافر مقدار ۾ گيھه توڙي آئل موجود آھي، گيھه جا اگھه گھٽ ٿيڻ سان عوام کي رليف ملندو. يوٽيلٽي ڪارپوريشن اسلام آباد جي اختيارين گيھه جي اگھن ۾ 80 رپيا گھٽتائيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.