اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي سي سي جو اجلاس ناڻي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 54 ڪروڙ رپين جي هنگامي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي اها رقم ٻوڏ متاثرن کي عام واهپي جون بنيادي شيون مارڪيٽ کان گهٽ اگهه تي يوٽيليٽي اسٽورن ۾ فراهم ڪرڻ ۾ خرچ ٿيندي، اي سي سي ٽريڊنگ ڪارپوريشن (ٽي سي پي) کي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ 3 لک ٽن يوريا خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، افغانستان ۾ پاڪستاني اسپتالن لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا خرچن ۽ پگهارن جي مد ۾ ڏيڻ جي منظوري کانسواءِ يوٽيلٽي اسٽورز کي گهربل ڪڻڪ مان 75 سيڪڙو مقامي طور حاصل ڪيل ڪڻڪ ۽ 25 سيڪڙو امپورٽ ڪيل ڪڻڪ ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي اين ڊي ايم اي کي ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ ريسڪيو جي خرچن لاءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.