يونيورسل ھيلٿ ڪيئر

0
323
يونيورسل ھيلٿ ڪيئر

 صحت سڀ لاءِ Universal Health Care لاڳو ڪرڻ لاءِ   سڀني ضلعي اسپتالن کي پوسٽ گريجوئيٽ ٽيچنگ اسپتال جو درجو ڏنو وڃي. ھر ضلعي اسپتال ۾گهٽ ۾ گهٽ 150 بسترن جي داخلا جي گنجائش ھجڻ گهرجي.

                 مڙني اسپيشلائيزڊ اسپتالن کي پڻ سن 2025ع تائين مرحلي وار تربيتي اسپتال جو درجو ڏنو وڃي.

                 سڀني ٽيچنگ اسپتالن مان سترھين گريڊ جي ميڊيڪل آفيسر جون اساميون ختم ڪري. صرف پوسٽ گريجوئيٽ ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسرن جون اساميون ٻن سالن جي ڊپلوما ۽ چئن سالن جي ماسٽرس يا فيلوشپ لاءِ صرف تربيتي عرصي لاءِ لاڳو ڪرڻ گهرجن.

                 ٽيچنگ اسپتالن جي او پي ڊي ۾ ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسرن جون آساميون پوسٽ گريجوئيٽ تربيت آھر ۽ سينئر رجسٽرارن جون آساميون پبلڪ سروس ڪميشن تحت ھجڻ گهرجن.

                 سڀني ٽيچنگ اسپتالن مان اسپيشلسٽ ڪيڊر جون پوسٽون ختم ڪري. اتي صرف ٽيچنگ ڪيڊر جون آساميون ھجڻ گهرجن.

سترھين گريڊ جي ڪميشن پاس ميڊيڪل آفيسر جي پوسٽ گريجوئيشن ۾ ڀرتيءَ سان سندس نوڪري ڪانٽريڪٽ تصور ڪئي وڃي ۽ صحت کاتو اھي خالي قرار ڏئي نيون ڀرتيون ڪرائي جيئن ڪنھن به صحت مرڪز لاءِ مختص پگهار پوسٽ گريجوئيٽ ٽريني کي ادا نه ٿئي.

ھر بيسڪ ھيلٿ سينٽر سان لازمي 24/7 ويم گهر ۽ ان سان لاڳاپيل پنج بسترا قائم ڪرڻ گهرجن.

ايم سي ايڇ سينٽرن ۽ ميٽرنٽي ھوم کي پنجن سالن ۾ اپگريڊ ڪري بيسڪ ھيلٿ سينٽر بڻايو وڃي.

ھرھڪ رورل ۽ اربن ھيلٿ سينٽر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 بسترا ھجڻ گهرجن. رورل ۽ اربن ھيلٿ سينٽر ۾ گهٽ ۾ گهٽ جنرل فزيشن، جنرل سرجن، گائناڪالاجسٽ/آبسٽيٽريشن، پيڊياٽريشن، اينسٽيٿسٽ، پيٿالاجسٽ، آپٿلمالاجسٽ ۾ اسپيشلسٽن جون ارڙھين گريڊ جون آساميون ھجڻ گهرجن.

ھر تعلقي اسپتال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 بسترا ۽ گهٽ ۾ گهٽ جنرل فزيشن، جنرل سرجن، گائناڪالاجسٽ/آبسٽيٽريشن، پيڊياٽريشن، اينسٽيٿسٽ، پيٿالاجسٽ، آپٿلمالاجسٽ، چمڙي، نڪ ـ ڪن ۽ ڳلو، آرٿوپيڊڪس، ايمرجنسي ميڊيسن، فيملي ميڊيسن، نيونيٽالاجسٽ هجڻ گهرجن

ڊسپينسرين کي ڏھن سالن اندر بيسڪ ھيلٿ سينٽر ۾ اپ گريڊ ڪيو وڃي. جيڪي اپگريڊ ٿيڻ لاءِ موزون نه ھجن انھن کي لاڳاپين بيسڪ ھيلٿ سينٽر، رورل ھيلٿ سينٽر، تعلقي يا ضلعي اسپتال جي او پي ڊي ڄاڻايو وڃي.

سن 2023ع کان صحت کاتي ۾ ڪا به نئين ڊسپينسري قائم نه ڪرڻ گهرجي.

انتظامي ڪيڊر الڳ ڪري وارڊ کان وٺي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جي ھر انتظامي عھدي تي پبلڪ ھيلٿ گريجويٽ BSPH ۽ انھن سميت ميڊيڪل، ڊينٽل، نرسنگ يا ايل ايڇ وي گريجوئيٽ + پبلڪ ھيلٿ جي ميڊيڪل ڪميشن پاران لائسنس يافته پوسٽ گريجوئيٽ يا ان جي برابر تعليمي قابليت وارا ھجڻ گهرجن.

پيراميڊيڪل ۽ پبلڪ ھيلٿ اسڪولن ۾ ٽيچنگ ڪيڊر متعارف ڪرائي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيا وڃن.

ڊسپينسر ڪورس سن 2023ع کان بالڪل ختم ڪيو وڃي.

مڊوائفريءَ جا سڀ پروگرام اپگريڊ ڪري صرف ليڊي ھيلٿ وزيٽر(ايل ايڇ وي) جو پاڪستان نرسنگ ڪائونسل تحت ھڪ گريجوئيٽ پروگرام شروع ڪيو وڃي.

ميڊيڪل ٽيڪنالاجيز جا سڀ ڊپلوما ختم ڪيا وڃن.  صرف ميڊيڪل ڪميشن کان لائسنس يافته گريجويٽ پروگرام ھجن.

ميڊيڪل الائيڊ جي ڊپلوما پروگرامن کي صرف ميڊيڪل ڪميشن کان لائسنس يافته گريجوئيٽ پروگرامن ۾ بدلايو وڃي.

ليڊي ھيلٿ ورڪر لاءِ تعليمي قابليت ميٽرڪ کانپوءِ ٻن سالن جو iCCM ڊپلوما ۽ پاڪستان نرسنگ ڪائونسل تحت لائسنس پروگرام شروع ڪيو وڃي.

ليڊي ھيلٿ سپروائيزر صرف پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جون لائسنس يافته ايل ايڇ وي ڀرتي ٿيڻ گهرجي.

ويڪسينيٽر لاءِ تعليمي قابليت ميٽرڪ کانپوءِ ٻن سالن جو ڊپلوما ۽ سنڌ اسٽيٽ ميڊيڪل فيڪلٽي لائسنس پروگرام شروع ڪيو وڃي.

ڪلينيڪل اسپيشلسٽ ڪيڊر ۾ پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ ترجيحاتي بنيادن تي ماسٽرس، فيلوشپ يا ڊپلوما اھا جيڪا ميڊيڪل ڪميشن کان لائسنس يافته ھجي.

ٽيچنگ اسپيشلسٽ ڪيڊر ۾ ترجيحاتي بنيادن تي پي ايڇ ڊي، ماسٽرس يا فيلوشپ اھا جيڪا ميڊيڪل ڪميشن کان لائسنس يافته ھجي ۽ ان سان گڏ لازمي ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ھجڻ جو شرط ھجڻ گهرجي.

جيڪڏھن ميڊيڪل ايجوڪيشن جو شرط نرم ڪرڻو آھي ته پھرين ترجيح ان کي ھجڻ گهرجي جيڪو ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ پڻ پوسٽ گريجوئيٽ آھي.