ڪراچي: اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري  عمر حميد خان  چيو آهي ته آرمي چيف کي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران آرمي مقرر ڪرڻ جي حوالي سان خط لکي ڇڏيو آهي، اميد ته سٺي موٽ ملندي،  هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن به اڻوندڙ واقعي يا هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي مقرر ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو رينجرز ۽ پاڪ آرمي صورتحال کي بهتر طريقي سان ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته  آرمي ھن وقت پولنگ اسٽيشنز کان پري رھڻ چاھي ٿي پر  اسان چاھيون ته آرمي مڪاني چونڊن ۾ اچي. يونيفارم وارن جي پاليسي آھي ته اھي پولنگن اندر نه پر  پولنگن ٻاھران ھوندا