يوناني حجام 47 سيڪنڊن ۾ وار ڪتري ورلڊ رڪارڊ ٺاهي ورتو

0
352
يوناني حجام 47 سيڪنڊن

ايٿينز (انٽريسٽنگ نيوز) يونان جي شهر ايٿينز سان تعلق رکندڙ هيئر اسٽائلسٽ دنيا جو تيز ترين وار ڪتريندڙ شخص بڻجي ويو. حجام مشيني تيزيءَ سان پنهنجو هٿ هلائيندي صرف 47 سيڪنڊن ۾ هڪ شخص جا وار ڪتري گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ڇڏيو

وڊيو ۾ نه رڳو گنيز ورلڊ رڪارڊ جي پيج تي موجود پر سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهيو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته حجام وار ڪترڻ جي لاءِ ٽريمر جو استعمال ڪيو ۽ وڏي مهارت سان هيئر ڪٽنگ ڪئي. ودِو ۾ گنيز ورلڊ رڪارڊ انتظاميا کي هڪ اسڪيل جي مدد سان وارن کي ماپيندي به ڏسي سگھجي ٿو