ڪراچي (نمائندن وٽان) حڪومت طرفان حضرت علي عه جي شھادت جي حوالي سان ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماتمي جلوسن تي پابندي عائد ڪندي ايس او پيز تحت مجلس عزا منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي، حڪومتي فيصلي کي نظر ۾ رکندي سکر جي ضلعي انتظاميا حضرت علي عليه سلام جي شھادت جي حوالي سان ھر سال سکر ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوس جي گذر گاھ وارن رستن، مرڪزي امام بارگاھ طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي ٽريڪٽر ٽراليون بيھاري، رڪاوٽون رکي سيل ڪيو ويو ھو، جڏھن ته پوليس توڙي رينجرس جي وڏي نفري پڻ سيڪيورٽي جي حوالي سان مقرر ڪئي وئي ھئي. سکر جي عزادارن حڪومتي فيصلي کي مڪمل طور رد ڪندي سخت رڪاوٽون ۽ سيڪيورٽي باوجود رڪاوٽون ٽوڙي ماتمي جلوس ڪڍي عزاداري ڪئي، ماتمي جلوس ھر سال جيان مرڪزي امام بارگاھ کان زيارتون ڪڍي برپا ڪيو ويو، جيڪو پنھنجي دستوري روٽن شڪارپور روڊ، بئراج روڊ، گھنٽا گھر سميت ٻين دستوري روٽن کان ٿيندي ساڳي امام بارگاھ تي نھر ٿيو، ماتمي جلوس ۾ شريڪ وڏي انگ ۾ عزادارن سينا زني ڪري عزاداري ڪئي. جڏھن ته پوليس طرفان سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا. ڏوڪري ۾ حضرت علي جي شهادت جي حوالي سان الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، سن ۾ شهادت امام علي عليه السلام جي سلسلي ۾ ايس او پي تحت ٻه مجلسون ڌار ڌار منعقد ڪيون ويون.