اسلام آباد:  يوم آزادي واري ڏينهن سرڪاري تقريب ۾ ڊانس پروگرام وارو مامرو سينيٽ ۾ پهچي ويو، ميان رضا رباني چيو ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد يوم آزادي جي تقريب ۾ علائقائي رقص کي ڊانس پارٽي چيو، پاڪستان جي علائقائي رقص کي هڪ ڊانس پارٽي سان ڀيٽڻ مناسب ناهي، منهنجو ڪلچر انڊس ويلي آهي، عرب ڪلچر منهنجو ڪلچر ناهي، جنهن تي جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته مان لوڪ رقص جي خلاف ناهيان، سنڌي، بلوچي، پنجابي لوڪ رقص آهن پر ان ڏينهن جيڪو ٿيو اهو لوڪ رقص نه هو، ڪا بيهوده ڊانس هئي. مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته جشن آزادي جي تقريب ۾ ڊانس تي تنقيد ڪندڙ ٻڌائين ته هنن جي جلسن ۾ ڇا ٿيندو آهي، ڇا پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ عورتون نعت پڙهڻ اينديون آهن؟ پ پ جو سينيٽر مولابخش چانڊيو مولانا عطاءُ الرحمان کي پي ٽي آءِ جي عورتن خلاف وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ اتساهيندو رهيو.