ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ يومِ شهداءِ پوليس ملهايو ويو. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ يومِ شهدا جي حوالي سان پوليس عملدارن پاران شهيدن جي قبرن تي گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪئي وئي. ايس ايس پي امجد احمد شيخ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ايس ايس پي شهيد سب انسپيڪٽر اختر حسين زيدي ۽ انسپيڪٽر حسن علي عابدي جي قبرن تي وڃي فاتح خواني به ڪئي.  تقريب ۾ حيدرآباد ريجن سان تعلق رکندڙ شهيد اهلڪارن ۽ عملدارن جي 37 فيمليز به شرڪت ڪئي جن کي اعزازي شيلڊون ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويا.ٽنڊو محمد خان ضلعي جي شهيد پوليس اهلڪارن کي سندن ڏنل قربانين جي حوالي سان ايس ايس پي آفيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ايس ايس پي عبدالله ميمڻ پوليس عملدارن ۽ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن شهيد انسپيڪٽر نثار علي جانوري ، شهيد انسپيڪٽر مشتاق علي دل ، شهيد هيڊڪانسٽيبل ملڪ محمد مصطفى ، شهيد سب انسپيڪٽر اشتياق احمد اعواڻ ، شهيد ڪانسٽيبل ثناءُ الله دل جي وارثن سان گڏ شهيدن جي قبرستانن تي وڃي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.ٺٽو ۾  شهيد پوليس اهلڪارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهيد جي مزارن تي حاضري ڀرڻ سان گڏ گلن جون چادرون چاڙهي دعائون گھرڻ بعد ايس ايس پي آفيس ۾ پوليس جي شهيد جوان جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.ميرپور ساڪرو ۾ 4 آگسٽ يوم شھيداءَ پوليس جي موقعي تي ھڪ سال اڳ پوليس مقابلي ۾ شھيد ٿي ويل اي ايس آءِ سخي محمد ڪلمتي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس آخري آرمگاھ تي ڊي ايس پي ميرپور ساڪرو محمد نواز سرائي پھچي گلن جي چادر چاڙھي ۽ دعا پڻ گھري.مٽياري ۾ به شھيد پوليس اھلڪارن جي يادگار تي ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ . ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو . ڊي ايس پي سي آئي ذوالفقار لاشار . لائين آفيسر شمس الدين ڏھري چئن شھيد پوليس اھلڪارن شھيد اي ايس آئي حبيب الله ٻٻر . شھيد اي ايس ائي غلام قادر لغاري، شھيد ڪانسٽيبل حاجي خان جھيجو ۽ شھيد ڪانسٽيبل خير محمد رند جي روحن کي ايثال ثواب پھچائڻ لاءِ قران خواني جو اهتمام ڪيو ويو.بڪيراشريف ٿاڻي جي شهيد پوليس اهلڪارن جي مزارن تي ڊي ايس پي چمبڙ مير منور ٽالپر شهيد پوليس اهلڪار نظر حيسن درس ۽ جمعدار مولا بخش سهتو جي قبرن تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي دعا پڙهي وئي.ڦل ٿاڻي جي ايس ايچ او راجا نويد پنهنجي اسٽاف سان گڏ شهر جي شهيد اي ايس آءِ محمد شريف وڳڻ جي گهر ڀاتين سان گڏ مزار تي گل نڇاور ڪري دعا گھري ۽ وارثن مٺائي ۾ تقسيم ڪئي وئي.  ايس ايس  پي بشير بروھي يادگار شھداءَ پوليس تي گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏيئي فاتح خواني ڪري شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.شھيد پوليس وارن جي وارثن سان ملاقاتون ڪري سندس ريفريشمينٽ ڪري شھيدن جي وارثن جا مسئلا ٻڌي انهن جا سڀ مسئلا فوري طور تي حل ڪيا.سکر ۾ پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڊي آءِ جي آفيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ، ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال، شهيدن جي وارثن ۽ پوليس آفيسرن توڙي جوانن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي سکر ۽ پوليس آفيسرن شهيدن جي وارثن کي تحفا پيش ڪيا. ٻئي طرف ڊي آءِ جي سکر قبرستان پهچي شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. هوڏانهن  آءِ جي موٽر وي جي هدايتن تي سکر سيڪٽر ۾ دعا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، موٽر وي پوليس جي بيٽ ۽ هيڊڪواٽر ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.خيرپور پوليس هيڊڪوارٽر ۾ يوم شهداءِ پوليس ملهايو ويو، ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر مهدي رضا آرائين، ڊي ايس پي عبدالله لاکير  پوليس اهلڪارن سان گڏ خانڻ شاهه قبرستان وڃي پوليس جي شهيد جوانن جي قبرن تي سلامي ڏني ۽ گلن جي ورکا ڪئي. جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪارن جي ياد ۾ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي. غوثپور ۾ 14 مهينا اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊيوٽي دوران شهيد ٿيل اڪري چودڳي واسي پوليس اهلڪار سجاد خاصخيليءَ جي بيواھ ۽سندس وارثن کي پوليس کاتي وساري ڇڏيو. 4 آگسٽ شهيدن جي ڏهاڙي تي قبر تي فاتح خواني ۽ گل نڇاور ڪرڻ ۽ وارثن سان ڏک ونڊڻ جي پوليس کاتي آفيسرن توڙي حد جي پوليس زحمت نه ڪئي. شهيد اهلڪار جي ڀاءَ اعجاز خاصخيلي دانهيندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جي شهادت کي 14 مهينا گذري ويا. ٽيجهي تي ڏنل 50 هزار رپين کان کان علاوه ڪو فنڊ رليز نه ٿي سگهيو آهي فنڊ نه ملڻ سبب گهر جي واحد ڪفيل فرد جي شهادت بعد اسان جو خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهي.ايس ايس پي آفيس سڪرنڊ ۾ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب  ڪوٺائي وئي، آفيسرن پاران  شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪيا،  موٽروي پوليس جي چاڪ و چوبند دستي  شهيدن جي يادگار تي سلامي ڏني.