يومِ آزادي کي يومِ بربادي نه بڻايو وڃي: شيخ رشيد

0
204
نومبر ڳرو ۽ فيصلائتو

راولپنڊي: اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد حڪومت کي ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته اهڙا قدم نه کنيا وڃن، جنهن سان ملڪ تباهي جي ور چڙهي وڃي

ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ شيخ رشيد واضح ڪيو آهي ته عوام کي مائنس ڪندڙ پاڻ مائنس ٿيڻ وارا آهن، يومِ آزادي کي يومِ بربادي نه بڻايو وڃي

شيخ رشيد چيو ته 45 ڏينهن اهم آهن، غربت سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن، ڀتا خورن جون ڪالز اسلام آباد ۽ راولپنڊي تائين پهچي چڪيون آهن

شيخ رشيد چيو شهباز حڪومت ۾ وزارتن جو انگ وڌڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته وزير وڌيڪ ۽ وزارتون کُٽي پيون آهن، 5 درجن کان وڌيڪ وزير رڳو پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن

شيخ رشيد چيو ته عوام جي عدالت هر صبح سوشل ميڊيا تي لڳندي آهي، 140 ملين باشعور نوجوانن جي کيسي ۾ فون آهي، حڪمران اقتدار جو ڪمبل ڇڏي رهيا آهن، حڪومت زميني حقيقتون سمجهڻ کان انڪاري آهي