ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) کي اپريل 2023 ۾ مختلف ٽيلي ڪميونيڪيشن آپريٽرز ۽ سيلولر آپريٽرز خلاف ٽيلي ڪام واهپيدارن جون 13,291 شڪايتون مليون، جن مان 13,192 (99.3 سيڪڙو) حل ڪيون ويون. سرڪاري ڊيٽا انڪشاف ڪيو آهي ته شڪايتون مختلف ٽيلي ڪام آپريٽرز جي خلاف مليون آهن، جن ۾ سيلولر موبائل آپريٽرز (سي ايم اوز)، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL)، لانگ ڊسٽنس انٽرنيشنل (LDI) آپريٽرز، وائرليس لوڪل لوپ (WLL) آپريٽرز، ۽ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ شامل آهن. سيلولر موبائيل سبسڪرائبرز مجموعي طور تي ٽيلي ڪام سبسڪرائبر بيس جو هڪ وڏو حصو آهن. تنهن ڪري، شڪايتن جو وڌ ۾ وڌ تعداد هن حصي سان تعلق رکي ٿو. اپريل تائين سي ايم اوز جي خلاف شڪايتن جو ڪل انگ 12,886 هو، جن مان 12,837 (99.6 سيڪڙو) کي حل ڪيو ويو. پي ٽي اي جي انگن اکرن موجب جاز خلاف 5 هزار 438 شڪايتون مليون، جن مان 5 هزار 427 (99.8 سيڪڙو) حل ڪيون ويون. ٽيلي نار جي خلاف 2,283 شڪايتون مليون، جن مان 2,280 (99.9 سيڪڙو) حل ڪيون ويون. اهڙي طرح زونگ خلاف 3981 شڪايتون مليون، جن مان 3970 (99.7 سيڪڙو) جو ازالو ڪيو ويو. يوفون خلاف ڪل 1176 شڪايتون مليون، جن مان 1153 (98 سيڪڙو) حل ڪيون ويون. پي ٽي اي کي ٽيليفون جي خلاف 94 شڪايتون مليون، جن مان 78 اپريل دوران حل ڪيون ويون، 83 سيڪڙو حل ڪيون ويون. ان کان سواءِ ISPs خلاف 306 شڪايتون مليون، جن مان 273 (89.2 سيڪڙو) جو ازالو ڪيو ويو.