ڳڙهي حسن/ ڪريم بخش کوسو(نمائندن وٽان)ڳڙهي حسن ۽ ڪريم بخش کوسو جي آس پاس يونين ڪائونسلن ۾ ووٽ ڪاسٽنگ جو سلسلو شروع ٿيندي ٻن ڪلاڪن بعد مختلف پولنگن اسٽيشنن تي انتشار شروع ٿي ويو. يوسي ڪوٽ جنگو جي پولنگ تي هٿياربندن جي  فائرنگ سبب عورتن ۽ مردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي،هٿياربند پرزائيڊنگ آفيسر عبدالماجد کوسو ۽ آزاد اميدوار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر فاروق کوسو کي اغوا ڪري بليٽ باڪسن سميت سڄو سامان کڻي ويا، اهلڪار تماشائي بڻيل نظر آيا، ٻئي پاسي ساڳي يوسي جي پولنگ صوبدار کوسو ۾ به شديد فائرنگ ڪئي وئي، پولنگ عملو جان بچائڻ لاءِ ڪمرا بند ڪري لڪي ويو، فائرنگ سبب ووٽرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ذريعن وٽان مليل خبر موجب پوليس پرزائيدنگ آفيسر عبدالماجد کوسو کي سامان سميت هٿ ڪيو ويو، آزاد اميدوار بازياب ناهي ٿي سگهيو، يوسي ڪنراڻي ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ اميدوارن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، ٻه ڪلاڪ پولنگ بند رهي ۽ يوسي لوگي جي چيئرمين پيپلزپارٽي اميدوار داد محمد کوسو جا ورڪر جميعت علماءِ اسلام جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪري سندس ڪار جا لٺين سان شيشا ٽوڙيا ويا ضلعي امير محفوظ رهيو، يوسي بهادپور ۾ به سڌي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ آزاد اميدوار رحمت الله کوسو جو ويجهو مائٽ ڀورل کوسو شديد زخمي ٿي پيو ۽ ھوائي فائرنگ ۾  سهراب ڪٽوهر، گل بهار ڪٽوهر، پنڃل ٽانوري زخمي ٿي پيا.هوڏانهن آزاد اميدوار ظفر کوسو، رحمت الله کوسو، زين العابدين کوسو، پيپلزپارٽي اميدوارن مٿان الزام هڻندي چيو ته اليڪشن نه بلڪي سليڪشن ڪئي وئي، پوليس موجودگي ۾ اميدوار يرغمال پرزائيڊنگ آفيسر کي اغوا ڪيو ويو.اها سراسر ڌانڌلي آهي جنهن مذمت ڪيو ٿا.