مٺياڻي (ن پ ا) يوسي ٺٽ ڳوراهو جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ڪوڙي جي ڀاڻن جي مشهور شخصيت استاد غلام حسين سولنگيءَ جو سئوٽ کبڙ خان سولنگي، ولد فقير واحد بخش سولنگي دل جي تڪليف جي ڪري ڪراچيءَ جي  جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ضلعو نوشهروفيروز نيو ويو، جتي سندس جنازي نماز صبح اٺين وڳي ڳوٺ ادا ڪئي ويندي.