وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) پي ٽي آءِ اڳواڻ امير بخش ڀٽو يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۽ وڏا ٻوسڻ جي مختلف ڳوٺن پهچي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. ان موقعي تي ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو ۽ ڳوٺ شيهڪ لولائي جي معززين پ پ کي خدا حافظ چئي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي.ان موقعي تي امير بخش ڀٽو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي.ان موقعي تي پي ٽي آء اڳواڻ عشرت عباس ابڙو، سيد منل شاه راشد، محمد ايوب ٻوسڻ، محمد نواز ٻوسڻ، ميران بخش سولنگي، اڪبر کوسو، ديدار علي سولنگي، طارق ڀٽي ، نبي بخش ڀٽو ۽ ٻيا ساڻس سان گڏ هئا.