باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي تعلقي جي 11 يونين ڪائونسلن ۽ ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۾ پ پ، جي ڊي اي ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوار چونڊ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ ، عدنان الطاف انڙ پاران ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻن پنهنجي حمايتي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ منعقد گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي،چانڊيا ، ڪلهوڙا ، مگسي ، ڀٽي ، سيد ، مغيري ، سولنگي ، ٻرڙا ، کوکر ، راجپوت ، هيسباڻي ، دايا ، چنا ، سانگي ، ميمڻ ، خاراني ، بروهي ، تنيا ، سومرا ، جتوئي ، ڏهر ، سيال ، انڙ ، سنديلا ، جهتيال ، ٻگهيا ، مشوري ، ميتلا ، جيسر برادرين جي ڊي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو.هوڏانهن مڏباھو ۾ پ پ جي يوسي چيئرمين اميدوار ايڊووڪيٽ اويس خان چانڊيو جي چاچي سردار خان چانڊيو ۽ سئوٽ ڊاڪٽر اياز چانڊيو پاران جي ڊي اي اميدوار عدنان الطاف انڙ ، رئيس مظفر چانڊيو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.پ پ يوسي مڏباھو چيئرمين اميدوار ايڊووڪيٽ اويس چانڊيو جي چاچي ۽ سئوٽن برادري سميت پ پ کي الوداع چئي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان پڻ ڪيو.