گاجي کهاوڙ (ن پ ا ) يوسي موندر لاکا جي ضلعي ڪائونسل آزاد اميدوار معشوق ڦلپوٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ اميدوارن کان عوام پڇاڻو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته نصيرآباد رائيس مل ايسوسيئيشن صدر ۽ شهري اتحاد صدر طور عوام جي ڀلائي لاءِ منهنجا ڪيترائي احتجاج  رڪارڊ ٿيل آهن، عوام ورڪ دوران موٽ ڏني آھي، 26 جون تي کٽي يوسي جي عوام جي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪندس.