عمرڪوٽ (رپورٽر) يوسي سيکڙو تي پي ٽي آءِ جي ضلعي ڪائونسل اميدوار ۽ مبينا اغوا ٿيل اميدوار سخي سميجو پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  الزام هنيو ته سندس مخالف پ پ جي اميدوار الله وسايو سميجو، سي آر او انچارج الهورايو سميجو ۽ عبدالله سميجو رتنور روڊ تان اغوا ڪري اکيون ٻڌي هڪ نامعلوم هنڌ رکيو، جتي مون کان هڪ ڪاغذ تي آڱوٺي جون صحيحون وٺي قومي شناختي ڪارڊ ڦري ورتو، هن چيو ته چئن ڏينهن بعد 2 نامعلوم ماڻهو روڊ تي اڇلائي ويا، لال مالهي چيو ته عمرڪوٽ پوليس اليڪشن ڪميشن عمرڪوٽ، آر او، ڊي ار او سڀ پ پ جا وانگارو بڻيل آهن، هن چيو ته اسان جي اميدوارن کي اغوا ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي پر اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته معالي جو ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،