ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (رپورٽ: عمران کوسو/ ظفر ڀيو ) يوسي ددڙ جي پنج مان ٻن پولنگن ٽوڙي بنگلو ۽ نهال جعفري تي ووٽنگ ٿي. غير حتمي نتيجن موجب ضلعي ڪائونسل لاءِ نامزد پ پ اميدوار احمد رضا سندراڻي 689 ووٽ، يوسي چئيرمين لاءِ پ پ اميدوار ڪاشف ڀيو 608 ووٽ ۽ جرنل ڪائونسلر پ پ اميدوار محمد صلاح 573 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا.جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن بائيڪاٽ سبب اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. جي يو آءِ جي ضلعي ڪائونسل ميمبر اميدوار ظفر ڀيو، يوسي چئيرمين لاءِ محمد علي ڀيو، وائيس چئيرمين عبدالخالق ڀيو، آزاد اميد وار انيس ڀيو رفيق احمد ۽ ٻين جا ٽوٽل 146 ووٽ ڪاسٽ ٿيا.جي يوآءِ اڳواڻ محمد علي ڀيو، شمس الدين ڀيري رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار  کي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي اڳ ۾ ئي ڌانڌلي جي پلاننگ رٿي وئي هئي.هنن چيو ته پيپلزپارٽي پاران درياءَ پار واري پولنگ خان جاگيراڻي سرفراز ۽ فوجو لولئي واري پولنگ تي اڳ ۾ ٿيل اليڪشن دوران اسان جي ايجنٽن کي يرغمال بڻائي عملي جي ملي ڀڳت سان جعلي ٺپا لڳايا هنيا هئا، اسان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن صرف ٻن پولنگن نهال جعفري ۽ ٽوڙي بنگلو واري پولنگ تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. جي يو آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسين آزاد اميداورن سان گڏجي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري  انتظاميا کي لکت ڪي ڪاپي جمع ڪرائي هئي، ان باوجود به ضلعي انتظاميان پ پ جي ونگارو بڻجي اليڪشن ڪرائي، اسان جي ڪنهن به اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. اڳ ۾ به پ پ جي ڌاڌلي خلاف اعتراض واري عدالت ويا هئاسين هاڻي به يوسي جي سڀني پولنگ تي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ عدالتن سان رجوع ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪمشنر ظهير سهتو ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي يو آءِ جي اعتراضن ۽ بائيڪاٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن جو بائيڪاٽ اجايو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان مقرر ٿيل وقت تي اليڪشن جو عمل شروع ڪرايو ويو. هنن چيو ته ووٽن دوران ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو پر امن طريقي سان اليڪشن ٿي گذري آهي.