ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا رڪارڊ ۾ فوت ڄاڻايل 2 ووٽر الاھي بخش ايري ۽ عبدالقادر  ايري ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن سھڻو لھر پھتا ته کين ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه ڏنو ويو، ان موقعي تي فوتي ڄاڻايل الاھي بخش ۽ عبدالقادر ايري صحافين آڏو دانھيو ته ووٽ ڏيڻ پهتاسين ته خبر پئي ته رڪارڊ  ۾ مئل ڄاڻايل آھيون،  الاھي بخش ٻڌايو ته يوسي خداآباد مان جنرل ڪائونسلر جو اميدوار ھئس، اليڪشن ڪميشن سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيو ھو، منھنجي ٽيڪن جا ووٽ ٻي يوسي ۾ ھجڻ ڪري فارم رد ٿيو ھو پر آئون ووٽ ڏيڻ آيس ته خبر پئي ته اليڪشن ڪميشن مونکي ۽ عبدالقادر کي رڪارڊ ۾ فوتي ظاھر ڪيو آھي.