ڏوڪري (ن پ ا) يورپ جو چيڪ ريپبلڪ پاڪستان جي سفير ٽامس سمٽانڪا اعزازي قونصل احمد محمد سان گڏجي سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو،  يورپ سفير تاريخي ماڳ جا مختلف ايرياز اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ميوزيم گمهي ڏٺا، يورپ سفير کي موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ ماڳ بابت آگاهي ڏني. يورپي سفير تهذيبي ماڳ بابت عملدارن کان ڪيترائي سوال  ڪيا ۽ تاريخ متعلق دلچسپي ورتي، دوري دوران يورپ جي سفير چيو ته موهن جو دڙو گهمي ڪري تمام مزو ورتو آهي، هتان جا ماڻھو ذھين ۽ هوشيار آھن، مان پنهنجي ملڪ ۾ وڃي اتان جي ماڻھن کي ميسيج ڏيندس ته موهن جو دڙو ضرور ڏسي اچن.