ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ يوريا ڀاڻ جي بحران جو نوٽيس وٺي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي  ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري سندن دڪانن سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته وفاقي حڪومت کان يوريا ڀاڻ جي اگھن ۾ اضافو ڪندڙ فيڪريٽري مالڪن خلاف ڪاروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي. ڪالهه سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ سمورن ضلعن جي ڊي سيز کي هدايت ڪئي آهي ته يوريا ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن جو گھيرو  تنگ ڪري سندن دڪانن سيل ڪيا وڃن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب زرعي معيشت کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هاڻ وري يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري آبادگار طبقو پريشان آهي. هن چيو ته ڪنھن به ڊيلر کي يوريا ڀاڻ جون مرضي جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.