يورو ڪپ ۾ جرمني جي شڪست تي لڙڪ لاڙيندڙ ٻارڙي لاءِ 78 لک رپيا انعام

0
267

لنڊن(دلچسپ نيوز) يورو ڪپ ۾ جرمني جي شڪست تي لڙڪ لاڙيندڙ ٻارڙي لاءِ 78 لک رپيا انعام جمع ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ 2020 ۾ بوئيفا يورو ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ برطانيا جرمني کي شڪست ڏني هئي، جرمني جي شڪست تي معصوم ٻارڙي لڙڪ لاڙي ويٺي،تصويراسٽڊيم جي وڏي اسڪرين ۽ ٽي وي چينلن تي پڻ ڏيکاري وئي هئي، 9 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي تصوير وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي برطانوي صارفين سندس خوب مذاق اڏايو جنهن سبب هو آن لائن حراسگي جو پڻ شڪار ٿي.ٻارڙي جي آن لائن حراسگي خلاف برطانيا ۾ ئي هڪ سماجي تنظيم مهم هلائي ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، سماجي تنظيم پاران ان مهم ۾ 500 پائونڊ هدف مقرر ڪيو ويو هو پر شهرين ان ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ وڌي چڙهي فند ڏنو جنهن سبب 36 هزار پائونڊ (78 لک 82 هزار 500 رپيا)جمع ٿي ويا آهن. فنڊ گڏ ڪندڙ جوئل هيوز جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ان مهم جو مقصد ٻارڙي کي انعام ڏئي اهو احساس ڏيارڻ هو ته برطانيا ۾ سڀ ماڻهو خراب ناهن، هن چيو ته جرمن ٻارڙي جي اڃاتائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پر اميد آهي ته ان تائين پهچي کيس انعامي رقم ڏينداسين.