لنڊن(اسپورٽس نيوز) يونين آف دي يورپين فٽبال ايسوسيئيشن(يوئيفا) يورو ڪپ 2020 دوران رانديگرن طرفان پريس ڪانفرنسز ۾ اسپانسرڊ شربت جون بوتلون هٽائيندڙ رانديگرن کي وارننگ ڏني آهي. يونين آف دي يورپين فٽبال ايسوسيئيشن وارننگ ڏني آهي ته پريس ڪانفرنس ۾ اسپانسرز ڪيل بوتلون هٽائڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته جنهن به ٽيم جي رانديگر بوتلون هٽايون ته اُن جي ٽيم مٿان ڳرو ڏنڊ لاڳو ٿيندو.