صنعا(م ڊ) يمن عيد جي خطبي تان اختلافن سبب خطيب کي قتل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميديا موجب اوڀر گورنري ”شبوه“ جي ضلعي ”بيحان“ جي هڪ علائقي ۾ عيد نماز دوران خطبو ڏيندڙ هڪ خطيب سان خطبو ڏيڻ جي اختلاف تي شيخ عبدالباني کي قتل ڪيو ويو. عيد نماز کانپوءِ گهر موٽندي هٿياربندن شيخ عبدالله الباني جي گاڏي کي روڪيو ۽ مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ سندس ٻار ۽ ٻيا ماڻهو به زخمي ٿيا. عيد نماز جي ادائيگي کان اڳ الباني ۽ ٻين ۾ اهو تڪرار ٿيو هو ته خطبو ڪير ادا ڪندو ۽ نمازين جي امامت ڪير ڪندو.