سکر: مبينا طور تي وياج تي پئسا ڏيندڙ 60 ورھين جي حوران جعفري جو تعلق شڪارپور ضلعي سان آھي، جيڪو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ رھائش پذير آھي، جڏھن ته 12 ورھين جي يتيم نينگريءَ جا وارث ٻڌايو پيو وڃي ته اصل خيرپور ضلعي جا رھواسي آھن. جڏھن ته ڪجهه سالن کان سکر ۾ رھندڙ آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته سکر جي 12 سالن جي يتيم نياڻي ڇَھن لَکن ۾ وڏي عُمر جي وياج خور کي وڪرو ڪرڻ ۾ سندس چاچو عمران ۽ ڏاڏي شامل آھن، جڏھن ته پرائيويٽ شخص شاھنواز بنگلاڻي ان معامري ۾ سمورو ڪردار ادا ڪيو آھي. نينگري صبا گل چنو جو والد انتقال ڪري ويو آھي.