يا ته انقلاب اچي چڪو يا تمام خراب ٿيڻ پيو وڃي: مظاهرن تي تبصرا

0
211
وڳوڙن ۽ جي ايڇ ڪيو

لاهور (م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي رينجرز القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو، جنهن بعد سندس حامين طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي

هيل تائين ڪيترن شهرن ۾ مختلف رستا بند آهن ۽ تحريڪ انصاف جي مڇريل ڪارڪنن راولپنڊي ۾ فوج جي هيڊ ڪوارٽر ۽ لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ڪور ڪمانڊر هائوس کي باهه به ڏئي ڇڏي آهي

 سوشل ميڊيا تي عمران خان جي حامين کانسواءِ پاڪستان ۽ سڄي دنيا مان ڪيترائي ماڻهو سندس گرفتاري جي مذمت ڪندي نظر اچي رهيا آهن، انهن مان ڪيترا تجزيه ڪار سندس گرفتاري کي معاشي ۽ سياسي بحران ۾ ويندڙ ملڪ لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي رهيا آهن، پروفيسر حسن عباس به اهڙن ئي خيالن جو اظهار ڪندي عمران جي گرفتاري کي پاڪستان لاءِ ”خطرناڪ لمحو“ قرار ڏنو آهي

سندس چوڻ آهي ته حالتون تيزي سان قابو کان ٻاهر وڃي سگهن ٿيون، ڇو ته عمران خان جي مشهوري کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، سياسي پولرائيزيشن ۽ معاشي بحران جي هن گهڙي ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا

اينڪر نديم ملڪ موجب عمران خان جي اهڙي طريقي گرفتاري درست ناهي، بنا ڪنهن موثر سبن جي ڪنهن وڏي سياسي اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ سياست ۾ ڇڪتاڻ جو بنياد بڻجندي آهي، اويس سليم لکيو ته هو اهو سوچي به پريشان آهي ته ان کان وڌيڪ افراتفري ڦهلائڻ کان علاوه ٻيو ڪهڙو مقصد هوندو

سندس گرفتاري جو سبب ماڻهن کان انتقام کانسواءِ ڪجهه ناهي، صحافي سرل الميڊا عمران خان جي گرفتاري بعد لاهور جي منظرن تي تبصرو ڪندي چيو ته ”يا ته انقلاب اچي چڪو آهي يا ڪجهه تمام خراب ٿيڻ وڃي رهيو آهي.“

عاتڪه رحمان چوي ٿي ته عمران خان جي گرفتاري ان ڳالهه جي ياد ڌياني آهي ته پاڪستان ۾ طاقت جو مرڪز ڪٿي آهي، فوج منٽن ۾ اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو حڪومت گذريل ڪجهه مهينن ۾ بار بار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اينڪر شاهزيب خانزاده ان کي هڪ افسوسناڪ ڏينهن قرار ڏنو

هن چيو ته تاريخ ثابت ڪري ٿي ته اهڙيون گرفتاريون ڪيسز کي ميرٽ تي ثابت ڪرڻ لاءِ نه پر پيغام پهچائڻ لاءِ هونديون آهن، معاذ ڀاٽيا چوي ٿو ته عمران خان جي گرفتاري بلڪل اهڙي آهي، جيئن ماضي ۾ ڀٽو، نواز ۽ ٻين سياستدانن کي گرفتار ڪيو ويو، هي ڪا شخصي لڙائي ناهي، هي لڙائي تڏهن به جمهوريت لاءِ هئي ۽ اڄ به اها ئي آهي

انڊين پروفيسر اشوڪ سوائن پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي تبصرو ڪندي چيو ته عمران خان جي گرفتاري پاڪستان جي مرده جمهوريت کي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار