خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ڀرسان ڳوٺ ريحان لنڊ ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 7 گھرن کي باھ وڪوڙي وئي، پورھيت رفيق لنڊ، غلام مرتضيٰ لنڊ، غلام حسين، اعجاز، ذاڪر، غلام مصطفيٰ ۽ جمن لنڊ جي گهرن ۾ پيل کٽون، ھنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو.وقت سر فائر برگيڊ نه پھچڻ سبب گھرن اندر پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. ھوڏانھن باھ سبب متاثر ٿيل ڳوٺاڻا کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن متاثر ڳوٺاڻن سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.