ڪينبرا(دلچسپ نيوز) وڻ تان منٽ ۾ 8 صوف لاهي سگهندڙ روبورٽ تيار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ ڪورونا وبا سبب هن وقت باغن مان ميوو لاهيندڙ مزدورن جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آسٽريليا جي موناش يونيورسٽي جي ماهرن هڪ خاص روبورٽ تيارڪري ورتو آهي جيڪو 7 سيڪنڊ ۾ وڻ تان هڪ صوف لاهي سگهي ٿو اهڙي ريت هڪ منٽ ۾ هو 8 صوف آساني سان لاهي وٺندو. روبورٽ ڪيميرائن ۽ ڊيپ لرننگ الگورٿم ذريعي تيار ڪيو ويو آهي ان حوالي سان انجنيئرن جو چوڻ آهي ته ڊيپ الگورٿم وڻ تي صوفن جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻڌائيندو آهي ته صوف کي ڪٿان ڪٽڻو آهي. واضح رهي ته آسٽريليا ۾ فصلن تي مزدورن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو باغباني، جڙي ٻوٽيون گڏ ڪرڻ توڙي فصلن تي دوا ڇٽڪارڻ لاءِ ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن.