وڳڻ (ن پ ا )وڳڻ لڳ ڳوٺ ياروديرو مان چور ضلعي ڪائونسل ملازم خالد حسين پنھور جي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي ٻه لک روڪ، 4 سونيون منڊيون، 2 موبائل ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. اھڙو اطلاع وڳڻ ٿاڻي تي ڏنو ويو. خالد حسين پنھور صحافين آڏو دانهيندي چيو ته شريف ماڻھو آھيون، اسان سان وڏي ناجائزي ٿي آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد متاثرن وٽ بروقت پھتاسين واقعي بابت جاچ جاري آھي ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو.