وڳڻ ( رپورٽ: نادرممتاز ڀنڊ) وڳڻ لڳ ڳوٺ علي اصحابو واسي نوجوان عُذير پٽ مقصود تنيو شڪارپور جي علائقي رستم مان بازياب ٿي گھر پھچي ويو،جڏھن ته ساڳئي ڳوٺ جو ٻيو نوجوان بشير چانڊيو اڃان تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آھي رابطو ڪرڻ تي بازياب ٿي آيل  نوجوان عُذير تنيو ٻڌايو ته کيس ڌاڙيلن اغوا ڪري رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ درياءَ ڀرسان رھايو،  هن چيو ته ڌاڙيلن وارثن کان ستر لک پوءِ سٺ لک ۽ بعد ۾ چار لک گهريا،ڌاڙيلن مونکي ٻيڙي تي کڻي پڪي رستي سان موٽرسائيڪل تي رستم لڳ پھچايو جتي ڌاڙيلن ڀنگ عيوض مونکي وارثن حوالي ڪيو، مقصود تنيو ٻڌايو ته اسانجي نوجوان کي ڳوٺ ڪنڊو واسي علي جان چانڊيو ۽ سڪندر اغوا ڪري ويا ھُئا، جن بازيابي لاءِ لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ھُيو. جنھن بعد اسانجي نوجوان کي اغوا ڪندڙن نوجوان سان رابطو ڪرايو ، ۽ ھُنن پاران ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون ته جيڪڏھن اسان کين ڀنگ جي رقم نه ڏينداسي ته ھُو اسانجي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا جنھن بعد اسان ڪافي ڀيرا قمبر توڙي لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور پوليس کي پنھنجي نوجوان جي بازيابي لاء چيو پر پوليس اسانجي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪجھ به نه ڪيو اسان سندس بازيابي لاء 4 لک ڀنگ ڀري پنھنجي نوجوان کي بازياب ڪرايو آھي.